فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي: وزيراعظم عمران خان

image

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فرض سرانجام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف هو، جڏهن هڪ مسافر پليٽ فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺان اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته فرضن جي انجام دهي انتهائي مقدس آهي. هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پوليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ر – م 16:42

مضمون کا ماخذ : بہت کچھ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں