وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال بابت اجلاس

image

اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ملڪ ۾ پاڻي جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي وزير، وزيراعظم جي سيڪريٽري به شرڪت ڪئي، پاڻي وسيلن واري وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي پاڻي جي موجوده صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ارسا ۽ واپڊا کان گڏ ڪيل انگ اکرن موجب ملڪ جي مٿين علائقن ۾ گهٽ برف باري سبب پاڪستان کي خريف جي مند لاءِ پاڻي جي کوٽ درپيش آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا