اسلام آبا?? – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا ان??ن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پ?? ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ??ميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ??ميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ??ميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پ?? ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.