اسلا?? آباد – 14 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي مل?? ۾ ??ذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 135 فوتگيون ٿيون جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 681 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلا?? آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، صوابي ۾ 95 سيڪڙو، چارسده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 48 هزار 92 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 176، پنجاب ۾ 22 هزار 781، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 874، اسلا?? آباد ۾ 5 هزار 493، بلوچستان ۾ 1 هزار 230، گلگت بلتستان ۾ 535، آزاد ڪشمير ۾ 1 هزار 3 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ??وويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 41 هزار 912 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ??وويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 504 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ??وويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 76 هزار 757 آهي. سڄي مل?? ۾ ??ورونا وائرس کان متاثر ??اڻهن جو انگ 7 لک 34 هزار 423 آهي.