اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان منظوري جو عمل مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن جو تحفظ ضروري آهي، رڪارڊ ڊجيٽلائيز ٿيڻ سان قبضا مافيا ۽ غير قانوني اڏاوتن جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاڪستان بلڊنگ ڪوڊ کي نظر ۾ رکندي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان قومي معيار (نيشنل اسٽينڊرڊ سپيسي فيڪيشنز) جوڙيا ويا آهن. ان معيار تي سمورن صوبن جي مشاورت ۽ رضامندي شامل آهي. اهو مفصل ڪوڊ چ??ن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم گهٽ لاڳت وارن گهرن جي حوالي سان هڪجهڙي معيار تي ٻڌل ڪوڊ جوڙڻ تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۽ سن?? صوبي ۾ هائوسنگ منصوبن جي حوالي سان هيستائين مليل منظورين ۽ ايراضي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هن وقت تائين 25607 ??رخ??استون مليون آهن، جيڪي 120.84 ملين چورس فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان هيون، انهن ??رخ??استن مان 17572 ??رخ??استون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن جي زمين 64.29 ملين چورس فوٽ آهي، منظور ٿيل منصوبن ۾ رهائشي منصوبن ج?? ايراضي 46.09 ملين چورس فوٽ جڏهن ته ڪمرشل تعميرات ج?? ايراضي 17.56 ملين چورس فوٽ آهي، باق?? ايراضي تي تعميراتي منصوبن جون ??رخ??استون غور هيٺ آهن. سن?? ج?? ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سن?? صوبي ۾ هيستائين پبلڪ سيل جي تقريبن 33 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي.