اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پا??ستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها، نر??ند?? مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي، ڪووڊ دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نر??ند?? مودي تي لاڳو ٿئي ٿي، قيام پا??ستان کان وٺي هن وقت تائين جو ??فر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، قوم يقين رکي عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي طرف گامزن آهي، پا??ستان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو ??هي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن هتي آزادي ڪپ 2021ع جي انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين سڄي ملڪ ۾ آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، اڄ جو ميچ آزادي جي خوشين ۾ اضافي جو ??اعث بڻيو، اهي ميچز اسان جي آزادي جو ??مر آهن، پوري قوم کي آزادي جو مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قيام پا??ستان کان وٺي هن وقت تائين جو ??فر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، اسان لاچاري جي حالتن ۾ پنهنجي سفر جو ??غاز ڪيو پر اڄ اسان وٽ بهترين گرائونڊز، سٺا رانديگر ۽ بهترين يون??ور??ٽيون موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ صرف هڪ هيوي انڊسٽري جو هڪ ڪارخانو هو، اڄ پا??ستان جيٽ جهاز تيار ڪندڙ 9 ملڪن ۾ شامل آهن، اڄ اسان گاڏيون پا?? تيار ڪري رهيا آهيون، اسان دنيا جي پنجين وڏي قوم آهيون، اسان جو ??مار دنيا جي 7 ايٽمي طاقتن ۾ ٿيندو آهي، هن چيو ته اهي ڪاميابيون اسان کي آزادي جي نعمت جي ڪري مليون، ڪجهه ماڻهن کي مايوسي پکيڙڻ جي عادت هوندي آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان کي فيصلن ۾ آزادي حاصل ناهي، ته اهي هندستان ۽ پا??ستان جي مسلمانن جي حالتن جو مشاهدو ڪري وٺن، فرق پا?? ئي سامهون اچي ويندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي آزادي جو قدر ڪندي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي وطن تي شهيد ٿيندڙن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي، جن جي قربانين جي ڪري اڄ اسان ڪرڪيٽ ميچ کيڏي رهيا آهيون ۽ امن سان زندگي گذاري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پنهنجي خوشين ۾ انهن شهيدن ۽ انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي جنهن پنهنجي زندگي ۾ مصيبتون ۽ ڏک ڏٺا، اڄ انهن جي قربانين جي ڪري اسان آزادي جهڙي نعمت مان لطف وٺي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته قوم يقين رکي ته عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي، پا??ستان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو ??هي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال جو ??ور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪابل ۾ سموريون ڌريون هڪ آئين ۽ قانون تي متفق ٿي وڃن ته جئين افغانستان ۾ امن اچي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نر??ند?? مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي. ڪووڊ – 19 دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نر??ند?? مودي تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته ان وقت جڏهن دنيا ڪوورنا ??ي شڪست ڏيڻ جي ويجهو هئي، نر??ند?? مودي جي غلط پاليسين جي ڪري ڊيلٽا وائرس پوري دنيا ۾ پکڙيو، اسان کي ڀارت جي عوام سان همدردي آهي.