اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان??نيئرنگ يونيورسٽين کي معياري، جديد ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهجي، ان??نيئرنگ شعبي ۾ معذور ماڻهن ۽ عورتن جي لاءِ داخلا ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پاڪستان ان??نيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل گورننگ باڊي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان??نيئرنگ اهو پيشو آهي جيڪو قومن جي تعمير ڪري ٿو، ان??نيئرز جي محنت سدائين قائم رهي ٿي. هن چيو ته ان??نيئرز جي محنت ۽ ڪم سان ته??يبن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پاڪستاني ان??نيئرز سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، ان??نيئرز دفاع ۽ ڪنسٽرڪشن سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت جي ائٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ان ۾ ان??نيئرز جو اهم ڪردار رهيو. هن چيو ته پاڪستا?? جو سدائ??ن موقف رهيو ته افغان مسئلو جنگ سان حل نه ٿيندو، اربين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا کي سمجهه ۾ آيو ته افغان مسئلو طاقت سان حل نه ٿيندو. صدر چيو ته ان??نيئرز مان وڏيون اميدون آهن، تعميرات، نيوڪليئر ان??نيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحوليات، توانائي سميت ٻين شعبن ۾ دنيا ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ان??نيئرز جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ان??نيئرنگ ڪائونسل کي ان??نيئرز جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته يونيورسٽيز ۽ انڊسٽري کي پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻو پوندو، ان??نيئرنگ يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب ان??نيئرز پيدا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته عالمي معيار موجب ان??نيئرنگ جي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن پاڪستاني ان??نيئرز ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن، هنرمند ماڻهن، ڊاڪٽرز ۽ ان??نيئرز کي ملڪ ۾ موجود موقعن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ان??نيئرنگ ڪائونسل معذور شاگردن جي حوصلا افزائي ڪري، عورتن کي به ان??نيئرنگ جي شعبي ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت همدردي ۽ احساس جو رويو اختيار ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان تي ڀارت کان گهٽ اثر پيا. هن چيو ته نيڪ نيتي ۽ محنت سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خاص طور تي ان??نيئرنگ جي شعبي جي بهتري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ان??نيئرز جي تعليم جي آخري مرحلي ۾ انٽرن شپ هجڻ گهرجي، ان??نيئرنگ جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم ضروري آهن، حڪومت جو ڪم سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ مراعتون ڏيڻ آهي. پاڪستان ان??نيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين ايم اين اي ان??نيئر نجيب هارون چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ ان??نيئرز جي خدمت?? جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ان??نيئرنگ جي تعليم کي عالمي معيار جي برابر آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ ان??نيئرز جو اهم ڪردار آهي ۽ اهي پنهنجي ان ڪردار کي ڀرپور ان??از ۾ نڀائيندا.