اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوجوانن کي پنهنجي ??لاحيتن کي مڃرائڻ جي لاءِ سازگار ماحول ڏيڻ جي ??رورت آهي، ان ڏس ۾ حڪومت احساس اسڪالرشپ ۽ ڪامياب جوان جهڙن منصوبن جي ??روعات ڪئي آهي ته جيئن نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي ??لاحيتن کي مڃرائين. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جي ??هتمام هيٺ فيصل مسجد ڪئمپس ۾ هفتيوار ڪاروباري مهم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان 7 ڏينهن واري ايونٽ ۾ ورڪشاپس، انڊسٽري ۽ شاگرد?? جي وچ ۾ خيال?? جي ڏي وٺ جي ويهڪن سميت تخليقي اشتهار?? جي مقابلن ۽ ڪاروباري منصوب?? جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته ان ڏس ۾ 25 هزار قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي 10 لک کان اڍائي ڪروڙ جا قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئن بهترين ڪاروباري عورتون ۽ مرد پيدا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي ۽ اڪنامڪ زونز سميت احساس اسڪالرشپس جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن اعليٰ تعليم جي ??هولت کان ڪير به محروم نه رهي. هن چيو ته اسلامي يونيورسٽي ۾ شاگردن جو جذبو، خيال ۽ پراجيڪٽس ڏسي دلي خوشي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي شڪست جي ??وف کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪن ته اهو ڏينهن پري نه آهي ته هن مل?? کي ترقي جي منزل تائين پهچائي سگهجي.