اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگر??م کڻي آئي آهي، نئون پاڪستان صحت ڪارڊ دنيا جو منفرد هيلٿ انشورنس پروگرام آهي جنهن جي پوري دنيا ۾ مثال ن??و ملي، عوامي ڀل??ئي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ جاري عوامي ڀلائي، سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۽ بنيادي صحت جي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس کي هيلٿ ڪارڊ ۽ احساس راشن رعايت پروگرام تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين پنجاب جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ اجلاس کي احساس راشن رعايت پروگرام تحت گهٽ آمدني وارن خاندانن کي فراهم ڪيل سبسڊي تي اڳڀر??ئي ۽ ان سان غربت جي خاتمي جي متوقع مثبت نتيجن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي پنجاب جي وڏن شهرن ۾ جاري احساس ڪو به بکيو نه سمهي، لنگر خانن ۽ پناهگاهن تي به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبا ڏهاڙيدار ۽ مزدورن لاءِ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ رليف جو سبب بڻجي رهيا آهن، اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ اسپورٽس ڊرائيو تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم منصوبن تي تسلي جو اظهار ڪندي جاري عوامي ڀل??ئي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سينيٽر سيف الله ني??زي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار ۽ پنجاب جي صحت واري صوب??ئي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد شرڪت ڪئي.