اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سع??دي عرب جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻطرفي واپ??ري لاڳاپن کي وڌيڪ ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ ??وجب اها ڳالهه هن سع??دي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سنيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فورغ ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سع??دي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ماڻهن کي بحران کان بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سع??دي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف سينٽر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سع??دي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سع??دي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سع??دي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سع??دي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين نئين پارلياماني سال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سينيٽ چيئرمين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سع??دي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيو.