اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ اسڪائ??ٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت 1.4 ارب وڻ لڳائڻ کانپوءِ بهار موسم 2022ع جي وڻڪاري مهم جي لاءِ 54 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ/ بحال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ ۾ پاڪستان بوائي اسڪائ??ٽس ايسوسيئيشن (پي ب?? ا??س اي) جا سڄي ملڪ مان 7.5 لک اسڪائ??ٽس شرڪت ڪندا.