اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان پاڪستان ?? سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ?? سعودي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجوده ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ??ستحڪم ڪرڻ جي عز?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي شعبن ?? سعودي عرب سان تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. ان کانسواءِ هن تعليم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل ٻارڻ ۽ صاف توانائي جي فروغ لاءِ سعودي عرب جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي عز?? جو پڻ اظهار ڪيو.