اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي لاءِ اوگرا پاران موڪليل سمري رد ڪري ڇڏي آ??ي. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز م??جب وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل جي قيمتن کي برقرار رکيو وڃي ۽ قيمت ۾ اضافي جو ب??ر صارفين تي نه وڌو وڃي. اڄ آچر پهرين مئ?? کان پيٽروليم مصنوعات جون قيتمون 16 اپريل 2022ع جي سطح تي برقرار رهنديون ۽ پهرين مئ?? کان به پيٽرول 149.86 روپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 144.15 روپيا ۽ گاسليٽ 125.56 جڏهن ته لائيٽ ڊيزل 118.31 روپين جي پراڻي قيمتن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو.