اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف اڄ اربع تي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪراچي ۾ وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي سربراهن سان گڏ قائداعظم جي مزار تي ح??ضر?? ڀريندو. وزيراعظم شهباز شريف جي مزار قائد تي ح??ضر?? جو مقصد پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ قائداعظم جي جوڙيل سنهري اصولن جي پيروي ڪرڻ ??و ورجاءُ ڪرڻ ??هي، مزار قائد تي ح??ضر?? کانپوءِ وزيراعظم وزيراعليٰ هائوس سنڌ جو دورو ڪندو، وزيراعظم ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جي حڪمت عملي لاءِ مشاورتي عمل جي صدارت به ڪندو.