اسلام آب??د-11 مئي (اي پي پي) موسم??ات?? تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻ?? جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي ي??ين?? بڻائڻو پوندو. موسم??ات?? تبديلي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پاڻيءَ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ سبب آب??دي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پاڻ?? جي ان شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرم?? جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڻ?? جي 1991ع جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، اسان کي پاڻ?? جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منصفاڻي ورڇ کي ي??ين?? بڻائڻو پوندو.