اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت ۽ ان جي ??يلي ادارن جي ملازمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ۾ رضاڪاراڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ??پيل تي اطلاعات واري وز??رت ۽ ذيلي ادارن جي گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪاراڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر عوام جي مدد لاءِ قائم ريليف فنڊ ?? جمع ڪرائيندا. جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيو ڪندا. اطلاعات واري وز??رت جي ملازمن چيو آهي ته اطلاعات واري وز??رت ۽ ان جي ??يلي ادارن جا ملازم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وز??رت جا سمورا ملازم ۽ آفيسر ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ??حالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير جي ??پيلن تي امدادي رقم فلڊ ريليف فنڊ ?? جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.