پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي هو ٻارن سميت ٻوڏ متاثرين سان مليو ۽ انهن کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي وزي??اع??م نوشهره ضلعي جي ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي ۽ آبادڪاري تائي?? پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا قومي تعميراتي ادارا ٻوڏ متاثرين تائين پهچڻ ۽ انهن کي هنگامي بنيادن تي ضروري امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي. وزي??اع??م اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ايندو ۽ متاثري?? پنهنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزي??اع??م ڪئمپ جي اندر ٻوڏ متاثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف متاثرين کي چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزي??اع??م ٻارن سان پيار جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزي??اع??م جو صلاحڪار انجنيئر امير ??قا?? ۽ ايم پي اي اختيار اردلي پڻ وزي??اع??م سان گڏ هئا.