اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي جرمني، اسپين، بيلجيم، ليبيا، ڪينيا ۽ ايٿوپيا جي نامزد سفيرن ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان پاڪستان ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گريناس، اسپي?? جي سفير جوز انتونيا دي اوري پرل، بيلجيئم جي سفير چارلس ڊيگون، ليبيا جي سفير معمر زيدو عبدالمطلب، ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر ميري نيمبورا ڪمائو ۽ ايٿوپيا جي سفير جمال بڪر عبدالله جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جرمني جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته جرمني پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏن ملڪن مان هڪ آهي، هوا، شمسي توانائي ۽ هائيڊل پاور پراجيڪٽس ۾ مهارت رکندڙ جرمن ڪمپنيون انهن شعبن ۾ موجود موقعن ۽ مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته جرمن سيڙپڪار سي پيڪ تحت پاڪستا?? جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪان?? جي ڏس ۾ واپار جي موجوده سطح کي وڌيڪ بهتر ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاو?? جي ضرورت آهي. صدر سان پاڪستان ۾ اسپي?? جي نئين سفير پڻ ملاق??ت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ اسپي?? جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر جي ايس پي پلس اسڪيم تي پاڪستا?? جي لاءِ اسپي?? جي حمايت کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ اسپي?? جي وچ ۾ دفاعي تعاو?? جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سان بيلجيئم جي نامزد سفير پڻ ملاق??ت ڪئي. صدر چيو ته واپاري وفد?? جي مٽاسٽا، واپاري ميلن ۾ شرڪت ۽ گڏيل منصوبن سان واپاري تعاون وڌائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 1.35 ارب ڊالر جي موجوده سطح کان وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته زراعت، پورٽ هينڊلنگ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ بامعنيٰ تعاو?? جي ضرورت آهي. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ليبيا جي نئين سفير پڻ ملاق??ت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ليبيا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته 11 سال?? جي وقفي کانپوءِ مقرر ٿيندڙ نئون سفير ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر سان پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير پڻ ملاق??ت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ڪينيا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، ڪينيا آفريقا ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو برآمدي ۽ ٻيو وڏو درآمدي حصيدار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي واپار، معيشت، دفاع ۽ بارڊر مئنيجمينٽ جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ هم آهنگي جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر سان پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير پڻ ملاق??ت ڪئي. صدر ايٿوپيا پاران اسلام آباد ۾ سفارتي مشن کولڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪ??ي ته فيصلي سان لاڳاپن ۾ بهتري ايندي، دوستي ۽ تعاو?? جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ هوابازي جي شعبي ۾ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو. صدر ڪ??اچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ 2 هفتيوار سڌوسنئون اڏام?? جي پڻ آجيان ڪئي.