قمبر شهدادڪوٽ – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ام??اد جي رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هر متاثر خاندان تائين شفاف طريقي سان ام??اد پهچندي، ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿيا، ماڻهو بي گهر ٿيا، عالمي برادري پاران ام??اد تي ٿورا مڃون ٿا، هي وقت سياست جو نه ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل ام??ادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقي جو فضائي جائزو ورتو آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سنڌ حڪومت متاثرين جي مدد جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينديون. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت ٻوڏ کان متاثر خاندانن کي 25 هزار رپين جي ام??اد جو سلسلو بلوچستان کان شروع ڪيو. سمورن متاثر علائقن ۾ ام??اد جي لاءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خاندان?? جو انگ تمام وڌيڪ آهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت اها رقم 70 ارب رپين تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شفاف طريقي سان اها ام??ادي رقم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهائي ويندي. وزيرا??ظم چيو ته ٻوڏ سان ڪپهه، چانور ۽ کجور سميت مختلف فصل?? جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. سنڌ ٻوڏ کان ت??ام گهڻي متاثر ٿي آهي. يو اي اي، قطر، ترڪيءَ، سعودي عرب، چين، آمريڪا، ايران سميت سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا جن پاڪستان جي هن مشل گهڙيءَ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. هر ڏينهن مختلف ملڪن جا جهاز ام??ادي سامان کڻي پهچي رهي?? آهن. ترڪيءَ پاران ام??ادي سامان سان ڀريل 4 ٽرينون روانو ڪيون ويون آهن. پرنس ڪريم آغا خان جي پٽ پڻ 10 ملين ڊالر جي ام??اد جو اعلان ڪيو آهي. چين به ام??ادي رقم وڌائي ڇڏي آهي. وزيرا??ظم چيو ته متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي لاءِ پاڪ فوج ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي سڀني کي گڏجي متاثرين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيرا??ظم ٻوڏ متاثرين ۾ ام??ادي چيڪ ورهايا. وزيرا??ظم کي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته منڇر ڍنڍ جو ليول تمام گهڻو وڌي ويو آهي. مناسب جاين ت?? بند ٽوڙي پاڻي جي مقدار کي گهٽ ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مدد جي ضرورت آهي. ٻوڏ سبب فصل?? جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي جڏهن ت?? ڪچا گهر ڊهي پي?? آهن. پاڻي بيٺل هجڻ سبب وبائي مرض پکڙجي رهي?? آهن. ڪيترن علائق?? جو زميني رابطو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري ام??ادي سرگرمين ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. متاثرين تائين پڪل کاڌو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻوڏ سان 7 تعلقا ۽ 9 کان 13 لک ماڻهو تمام گهڻا متاثر ٿي?? آهن. وزيرا??ظم کي متاثر علائقي جي فضائي معائني دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ متاثر علائقن ۾ جاري ام??ادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.