اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي ام??اد ڪرڻ جيڪا پهرين ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلي??ج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم متاثرن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، خاص طور تي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر جي اجلاس م ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻوڏ بابت ام??ادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير نيشنل ڊ??اس??ر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊ??اس??ر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صوبائي ڊ??اس??ر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي ام??اد ڪرڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي ام??ادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صحت واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي ام??اد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت ام??ادي سرگرمين ۾ آءِ اين جي اوز ۽ اين جي اوز کي شامل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي.