اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ايم ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي اثر ڇڏيندو. هن اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ??لاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڳ??له??ون ٿيون جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. انهن منصوبن تي ايم ا?? يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي وفاقي وزير سي پيڪ جي ڪيترن ئي منصوبن جي اهم??ت تي زور ڀريو ۽ ان ڳ??له?? جو عزم ورجايو ته حڪومت انهن منصوبن خاص طور تي ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي س?? آر منصوبن کي شروع ڪرڻ تي پرعزم آهي. وفاقي وزير ايم ايل ون ۽ ڪي س?? آر منصوبن جي اهم??ت تي روشني وڌي جيڪي هڪ اسٽريٽجڪ پروجيڪٽس سمجهيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي اقتصادي اثر پوندا. وفاقي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي منصوبن جي اهم??ت تي زور ڀريو. جيڪي پهرين نومبر تي وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف منصوبن تي ايم ا?? يو ايس صحيحيون ٿينديون. چيني سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.