اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اداڪار ا??ماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تع??يتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروارن سان دلي تع??يت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحي?? اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ?? مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اداڪاري يادگار رهندي ?? سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.