اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته عورتن ک?? وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خ??تمو ٿيڻ گهرجي، ان مقص?? جي لاءِ سمورن حصيدارن ک?? گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسان ک?? ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خ??تمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کان محروم رهن، عالم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن ک?? وراثت ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ فيصلي جا تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀينرن ک?? وراثتي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حڪمن ک?? برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيدا?? جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي وڃي. واضح رهي ته چار ڀينرن هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي وال?? جي جائيداد ۾ انهن جي وراثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن ک?? ڏياريو وڃي.