جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چ??و آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان ??ي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدم?? جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سال?? جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستا?? جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چ??و ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي ??ل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چ??و ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان ??ي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، پاڪستا?? جي عوام ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ماحول ۾ ڪارب?? جي اخراج ۾ پاڪستان جو حص?? هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. پاڪستا?? جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائق?? جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائق?? جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.