اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا مو??ود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خور?? جي اجازت نه ڏينداسين، صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملز تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائين ۽ ڪڻڪ ۽ اٽ?? جي وقت سر پهچ جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر ڪن، گذريل 5 ڏينهن ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري اٽ?? جي 40 ڪلو جي ٿيله?? جي قيمت ۾ اٽڪل 1000 رپين جي گهٽتائي ٿ?? جيڪا خوش آئنده آهي، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن جي خلاف سخت قدم کڻن، حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽ?? جي مصنوعي کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽ?? جي مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خور?? جي حوالي سان اعليٰ سطح جو هنگام?? اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي مو??وده ذخيرن جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا مو??ود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن مان فلور ملز تائين ڪڻڪ جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو ته 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمدي ڪڻڪ جو اسٽاڪ پڻ ملڪ ۾ پهچي ويو آهي جڏهن ته جنور?? جي پڄاڻي تائين وڌيڪ ايترو ئي اسٽاڪ پهچي ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سيزن جي پڄاڻي تي ڪڻڪ جا ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن هوندا جيڪي نئين سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. وزيراعظم ڪڻڪ جي مو??وده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽ?? جي پهچ جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل وفاقي اعليٰ عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.