اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارات جي صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي ??رض ??راهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفي ??ٽا??ٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دو??ي جي دعوت به ڏني، جنهن تي هن رضامن??ي ظاهر ڪئي، دو??ي جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذريعي ڪيو ويندو.