اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??راچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي ??خت مذمت ڪندي دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي جو ??خت نوٽيس وٺي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني. وزيراعظم شهباز شريف و??اق?? گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان کي دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪلين اپ ۾ و??اق?? حڪومت پاران مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري رياستي قوت ۽ حصيداري عمل کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آهي، اهڙي طرح جي بزدلاڻي ڪاررواين سا?? پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ارادن ۽ عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي دعا ڪئي.