ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر 2 ڪ??وڙ کان وڌيڪ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو ويو آهي جيڪو قوم جو تمام وڏو نقصان آهي، ملڪ جي ??وجوانن ۽ اشرافيه وٽ معاشري جي ان نظرانداز طبقي جي ??دد ۽ ترقي جي ??اءِ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، اها تعليم يافته نوجوانن ۽ اشرافيه جي ذميواري آهي ته اهي انهن پٺتي پيل ٻارن کي مفيد ۽ ذميوار شهري بڻائڻ جي ??اءِ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ اقراءَ يونيورسٽي جي 20 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حسين لاکاڻي گروپ جو چيئرمين نويد لاکاڻي، اقراءَ يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر ارم اسد، اڳوڻا شاگرد، استاد ۽ پڙهائي پُوري ڪري نڪرندڙ شاگردن جا والدين پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر صحت ۽ تعليم کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو بنياد قرار ڏنو ۽ پاڪستاني يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي شاگردن کي روزگار جي ??ابل هنر سان ليس ڪن، انهن جي تجزياتي ۽ تنقيدي سوچ جي صلاحيتن کي فروغ ڏين ته جيئن اهي پنهنجي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگهن. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليمي ۽ پيشيواراڻي زندگي دوران قائداعظم جي ??ڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن تي هلن. هن چيو ته شاگردن کي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي ??اءِ معاشري ۾ ساٿي انسانن سان پنهنجي ??عاملن کي بهتر بڻائڻ ۽ حقوق العباد جي ادائيگي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪميونيڪشن جي ??وثر صلاحيتن کي پڻ اڀارڻ گهرجي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي سڄي زندگي سکڻ وارا بڻجن ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي ??اءِ پنهنجي علم ۽ هنر کي اپ ڊيٽ ڪندا رهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ??وجوانن مان وڏيون اميدون آهن ۽ انهن کي پنهنجي ??لڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ جدت، تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ نمايان تبديلين کان پاڻ کي ۽ پنهنجي ??لڪ کي روشناس ڪرائي سگهجي. صدر ملڪ کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ جي ??اءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ جديد تعليم کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن فارغ ٿيندڙ شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اهي نظم ۽ ضبط ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏين. صدر چيو ته ڪاليجن ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو نوجوان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، نوجوان متوازن زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت ۽ تندرستي جو خيال رکن. هن يونيورسٽي جي شاگردن، فيڪلٽي ۽ اڳوڻي شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي ذميواريون پڻ پوريون ڪن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي بهترين تعليمي ڪارڪردگي تي شاگردن ۾ گولڊ ميڊل پڻ ورهايا. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 800 کان وڌيڪ شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا.