اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي ويٺ ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي عمران الله ۽ سپاهي افضل خا?? کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڪ??مي??بي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن جي ڪڌي مقصدن جي راهه ۾ رڪاو?? آهن، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.