پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي تي سول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قوم اسان کي معاف ن?? ڪندي، ڪنهن به بيگناهه سان ??يادتي نه ٿيندي، سول عمارتن تي حملن جي ڏوهارين جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملي آورن ۽ منصوباسازن جي خلاف دفاعي ادارن کي حاصل آئيني اختيار تحت ڪارروائي ٿيندي. گورنر هائوس ۾ امن امان ??ابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. مصروفين جي ڪري هي اجلاس نه ٿي سگهيو. 9 ۽ 10 مئي تي جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا ان ??والي سان ??وم تي اجلاس منعقد ڪيو. ان ڏينهن پاڪستان ??ي دوست نما دشمنن دهشتگردي ڪئي ۽ پاڪستان ??ي دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪري اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ ادارن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته سول ٺڪاڻن تي حملي ۽ ڀ?? ڊاه?? ڪندڙن ۽ منصوباسازن جي خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ جي قا??ون موجب ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف قا??ون جيڪو اختيار دفاعي ادارن کي ڏنو آهي ان ??حت قانوني ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اها هدايت ڪئي آهي ته ان ??مل ۾ ڪنهن به بيگناهه کي نقصان نه پهچي ۽ ڪنهن سان ??ه زيادتي نه ٿئي جڏهن ته جيڪي ماڻهو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملڪ دشمني ۾ ملوث ڏٺا ويا يا منصوبابندي ڪئي، اهي سڀ ان ڏوهه ۾ ش??مل آهن ۽ انهن کي قا??ون موجب سزا ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ قوم اسان کي معاف ن?? ڪندي ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي قومي فرض کي امانت سمجهي ادا نه ڪيو. ان ??ان پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.