اسلام آباد – 09 – ??ون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو ورڪنگ جرنلسٽس جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي رقم رکڻ تي وزيراعظم محمد ??هباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ٿورائتي آه??ان. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو اعلان ڪندي مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو بجيٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ هيلٿ انشورنس جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپيا ان مقصد جي لاءِ رکيا ويا آهن. آئون وزيراعظم محمد ??هباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيان ٿي ته ان اهم قدم جي لاءِ انهن رقم فراهم ڪئي. هن چيو ته بطور اطلاعات واري وزير اهو منهنجي اولين مقصدن مان هڪ هو ته ورڪنگ جرنلسٽس ;E خاص طور تي مشڪل گهڙيءَ ۾ اها ??هولت ميسر آئي.