باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ اجاري شهر (قديم باڪو شهر) جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي سرڪاري د??ري جي موقعي تي اجاري شهر ۾ مختلف تاريخي عمارتن ۽ ميوزيم ج?? دورو ڪيو. وزيراعظم ک?? اجاري شهر ۾ قديم ملتان ڪاروان سرائي جو پڻ دورو ڪرايو ويو، جتي قديم شاهراهه ريشم تي سفر ڪندڙ واپاري قافلا گذرندا هئا. وزيراعظم ک?? ميو??يم ۾ قديم نوادرات پڻ ڏيکاريون ويون.