اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ا?? موقعي تي پرڏيهي وزير پنه??جي روسي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن بليڪ سي گرين انيشي اي??و (بي ايس جي آئي) تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان قدم جي اهميت کي تسليم ڪندي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافي ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجن جو سبب بڻجندڙ عالمي غذائي سپلائي چين ۾ رڪاوٽ تي ان جي امڪاني اثرن کي تسليم ڪندي عمل جوڳي حل ڳولڻ جي لاءِ ٺوس ??وششن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي ان سان فائدو پهچي جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ ۾ آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته بي ايس جي آئي ۾ شامل سموريون ڌريون انيشي اي??و کي بحال ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رهنديون. ان حوالي سان پرڏيهي وزير سمورين ڌرين جي ??دش?? کي ختم ڪندي معاهدي جي بحالي لاءِ عالمي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنه??جي روسي هم منصب کي يوڪرين ۽ ترڪيءَ جي پرڏيهي وزيرن، آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي سان بي ايس جي آئي تي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ان معاملي تي روس جي موقف جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان معاملي تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.