اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 13 جولاءِ تي ڪڇي ڪينال، سوئي بلوچستان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد ناصر جي والد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد کي ??لڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي ملڪ لاءِ خدمتن، فرض سان لڳاءُ ۽ حب الوطني کي سلام ??يش ڪيو. صدر قوم پاران شهيد جي خاندان کي سلام ??يش ڪيو ۽ ٿورا مڃيا. شهيد جي والد بکر ضلعي ۾ سرڪاري اسڪول جو نالو سپاهي محمد ناصر شهيد جي نالي تي رکڻ جي ??وا??ش جو اظهار ڪيو. صدر شهيد جي لاءِ بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.