اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي گروهه جي هن ملڪ ۾ ڪيل منفي قدمن جي اونداهي ختم ٿي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته الحمدالله گذريل سالن ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي گروهه جي هن ملڪ ۾ ڪيل منفي قدمن جي اونداهي ختم ٿي رهي آهي، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جي توهين عدالت تي 5 سال نااهلي جي سزا ختم ٿيڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان م??لم ليگ (ن) جي انهن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن انهن م??يبتن جي باوجود مسلم ليگ (ن) ۽ قائد ميان م??مد نواز شريف جو ساٿ نه ڇ??يو ۽ ثابت قدم رهيا.