اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، ??سان وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان جو ڪو به فيورٽ نه آهي، ??مورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ان کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، ??يڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان سان امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات ??ار?? نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرف??ار ڪيو ويو آهي، ??ن جي گرفتاري جي حوالي سان پوليس وٽ اختيار هو ته ان کي گرف??ار ڪري. هن چيو ته ڪو به سياستدان ڪنهن ڪيس ۾ گرف??ار ٿئي اهو سياسي قيدي ناهي هوندو. هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج جو حق ۽ اظهار راءِ جي آزادي هر ڪنهن کي حاصل آهي، پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چونڊن جي حوالي سان سوال جي جو??ب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي جيڪا تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي ان تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي وضاحت ضروري هوندي آهي، ڪراچي اقتصادي حب آهي، واپاري برادري سان ملاقاتن جي شروعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.