گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳي زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگران وفاقي وزير، گلگت بلتستان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي قيادت نگران وزيرا??ظم کي مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي جو معاملو بحث هيٺ آيو. نگران وزيرا??ظم گلگت بلتستان کي وفاق پاران م??مل تعاون جي خاطري ڪرائي. نگران وزيرا??ظم گلگت بلتستان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي م??مل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگران وزيرا??ظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رستي تي گامزن ٿيندي. گلگت بلتستان ڪابينا جي وزيرن نگران وزيرا??ظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تجويزون ڏنيون. نگران وزيرا??ظم عملدارن کي گلگت بلتستان جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم چيو ته گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.