اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي تيزي سان پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ??ي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي ??يو آهي ته آئون پاڻ وزيراعظم آفيس مان روزاني جي بنياد تي ان معاملي جي نگراني ڪندس، جنهن علائقي يا شعبي ۾ به ايس او پيز جي خلاف ورزي ٿي ان کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، ڪورونا جي وبا جي خلاف ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز جهاد ڪري رهيا آهن، حڪومت انهن جي ل??ءِ خاص پئڪيج ڏيندي، منهنجي ٽيم سمورين وفاقي ڌرين ۽ ماهرن سان مڪمل مشاورت کانپوءِ موثر حڪمت عملي جوڙي ۽ ب??ا ڪنهن جواز جي تنقيد ٿيڻ جي باوجود حڪومت ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آئي، اڄ پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ وبا کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو اندازو هو ته وقت سان گڏ ڪورونا جي متاثرين ۽ ان وبا سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو پر ان حوالي سان مخالف ڌر جي بنا جواز تنقيد افسوس جوڳي آهي، مخالف ڌر ڪشمير جي مسئلي وانگر ڪورونا جي ايشو کي به پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي ل??ءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.