اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پرچيءَ جو ثبوت کڻي سياست شروع ڪندڙ بلاول زرداري پنهنجي تاريخ کان به واقف نه آهي، قوم ڄاڻي ٿي ته ڪير ڪنهن کي ڊيڊي چوندو هو، اسان کان ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو حساب وٺندڙ سنڌ ۾ پنهنجي ٽن نسلن جي اقتدار جو حساب ڏين، سنڌ مان ڪڻڪ چوري، گهپلن ۽ جعلي اڪائونٽس جا آواز اچي ر??يا آهن ۽ نيب جاچ ڪري رهي آهي، توهان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو، صحيح معنيٰ ۾ احتساب ٿئي ته بلاول زرداري جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڏنل تعليمي فيس پڻ واپس ڏيڻي پوندي، اسان جي حڪومت جي 2 سالن دوران مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جو هڪ ڪيس به سامهون ناهي آيو، جن??ل ضياءَ الحق ۽ جن??ل جيلاني جي سرپرستي ۾ سياسي پرورش ڪندڙ به پاڻ کي جمهوريت پسند چون ٿا، جيڪي مزاحيه اداڪار ۽ ڪرڪيٽر بڻجڻ ۾ ناڪام ٿي ويا ته سياستدان بڻجي ويا، مخالف ڌر کي عمران خان جي ڪشميرين ۽ اسلامي دنيا جو سفير بڻجڻ جو ڏک آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي 22 سالن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ قوم کي تاريخي ڏينهن تي مبارڪبا?? پيش ڪريان ٿو، قوم عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اعلان ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ته جيئن ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس ۽ مخالف ڌر جي بيانن جي ??دع??ل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي تاريخي ڏينهن تي ڪارڪنن ۽ 22 سالن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ وزيراعظم عمران خان جي چاهيندڙن کي مبارڪبا?? پيش ڪريان ٿو جن ٻه سال اڳ اڄ جي ڏينهن اسان جي خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ فرسوده نظام جي خلاف 22 سالن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ عوام مقبول ترين ليڊر عمران خان کي وزيراعظم چونڊيو. هن چيو ته بلاول زرداري اڄ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.