لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس ??ي بهتري ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي، ??يندڙ نسلن جي لاءِ اسان کي ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي ڪا گنجائش نه آهي، ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪيو وڃي، ??دارن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرايو وڃي، ??ياسي دٻاءُ کانسواءِ ميرٽ تي ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي سول آفيسرن بشمول انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ريجنل پوليس آفيسرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، ??نجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش رهي، معيشت قرضن ??ي بار هيٺ رهي، ??نهن جي ڪري تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ گهربل. وسيلن جي کوٽ درپيش رهي. هن چيو ته ڪرپشن جي ڪري به معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ??نهي جي ڪري اسان جي حڪومت ڪرپشن جي خلاف جهاد شروع ڪيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جا مثال ڏنا ويندا هئا، ڪرپشن سدائين مٿي ۽ ايليٽ طبقي کان شروع ٿئي ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي، ??سان جو جيئڻ مرڻ هن ئي ملڪ سان آهي، ??يندڙ نسلن جي لاءِ نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، گورننس ??ي بهتري ملڪي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي ترقي جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو تعميرات جو آهي. ان سان روزگار جا موقعا ملندا.