اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪ – سعودي لاڳاپا سدائين وانگر مضبوط ۽ مس??حڪم آهن، اسان تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اسلامي ??در رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو ??علق هڪ دلين جو ??شتو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جي عوام خادمين الحرمين الشريفين جو ??ي حد احترام ڪري ٿي، هن چيو ته اسان شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع کي ساراهيون ٿا، اهو موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي.