اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار اد?? ڪيو آهي، ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سلمان ا????اس?? سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان ا????اس?? ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ بائي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار اد?? ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر جي خ??شگوار ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊاڪٽر محمد سلمان ا????اس?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي مل?? جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. صدر اسلامي ترقياتي بئنڪ ڊاڪٽر محمد سلمان ا????اس?? چيو ته پاڪستان اسان جو ڀائر مل?? آهي جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان ا????اس?? کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.