اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن تي نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين وز??راعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين وز??راعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ اي?? ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وز??راعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، وز??راعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص معاون عطا تارڙ موجود هئا.