اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت درخواست تي اليڪشن ??مي??ن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪا??عد?? قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ??يس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس اظهر حسن رضوي، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين شامل هئا. چيف جسٽس چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 5 جي ڀيٽ ۾ 8 جي اڪثريت جو آهي. فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪمري نم??ر هڪ ۾ اليڪشن ??مي??ن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ??مي??ن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪا??عد?? قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ??مي??ن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي. چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿي ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کي حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ان فيصلي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوارن جي نالن جي فهرست فراهم ڪري، سپريم ڪورٽ جو فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي لاڳو هوندو.