اولان بتور- 24 جنوري (اي پي پي)منگوليا جي گادي واري شهر اولان بتور ۾ ايل اين جي کڻي ويندڙ گاڏي ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٿيل گيس ڌماڪي ۾ 6 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 14 زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽ?? موجب منگوليا جي نيشنل ايمرجنسي مينجمنٽ ايجنسي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 60 ٽن ايل اين جي کڻي ويندڙ گاڏي ڪار سان ٽڪرائجي وئي جنهن کان پوءِ شديد ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا جن ۾ ٻا?? به شامل آهن جڏهن ته14 ٻيا زخمي ٿي پيا، حادثي جو اطلاع ملندي فور?? طور تي امدادي ٽيمون پهچي ويون ۽ باه تي ضابطو آندو .