استنبول – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊي 8 جو نا??ون سربراهي اجلاس ترڪي جي شهر استنبول ۾ شروع ٿي ويو جنهن ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڊي ايٽ جو موجوده چيئرمين آهي ۽ ان موقعي تي تنظيم جي صدارت ترڪي جي حوالي ڪندو. ان کان اڳ ڊي ايٽ سربراهي اجلاس جي هنڌ پهچڻ تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي ۽ حڪو??تي سربراهن جي آجيان ڪئي، ان موقعي تي ڊي ايٽ اڳواڻن گرو?? فوٽو ب?? ڪڍرايو، ترڪي، مصر، انڊونيشيا، ايران، نا??يجيريا، بنگلاديش ۽ پاڪستان تنظيم جا ميمبر ملڪ آهن جڏهن ته ڊي ايٽ جي نا??ين اجلاس ۾ آذربائيجان ۽ گني خصوصي شرڪت ڪري رهيا آهن، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف به وزيراعظم سان گڏ آهي. اجلاس ۾ ڊي ايٽ تنظيم جو سيڪريٽري جنرل سمٽ رپورٽ پيش ڪندو