اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هم نيوز جي سينيئر اينڪرپرسن عاصمه شيرازي ج?? گهر ويو ۽ سندس ڀاءُ محسن شيرازي ج?? لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير سان گڏ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهبا?? وڙائچ، سيڪريٽري اطلاعات عنبرين جان، جوائنٽ سيڪريٽري اطلاعات ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پڻ موجود هئا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عاصمه شيرازي ج?? ڀاءُ محسن شيرازي ج?? لاڏاڻي کي گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏيندي چيو ته ڀيڻ ڀاءُ قدرت جا انمول رشتا آهن، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي ج??ت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.