اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سال 21 -2020ع لاءِ ڪابينا جي سامهون ڪڻڪ جي گهٽ کان گهٽ امدادي قيمت 1600 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪرڻ جو ف??صلو ڪيو آهي، اي سي سي ٽريڊنگ ڪارپوريشن لاءِ شروعاتي طور تي ??ختص ڪيل 1.50 ملين ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ جي ماپي کي 1.80 ميلن ميٽرڪ ٽن تائين وڌائڻ جو ف??صلو ڪيو آهي ته جيئن فيبروري جي وچ ڌاري خيبرپخ??ون??وا ۽ سنڌ لاءِ اضافي 0.30 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، اي سي سي 3 نومبر کانپوءِ مدي ۾ ايگري ٽيڪ ۽ فاطمه فرٽيلائيزرز لاءِ 772 روپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي اگهن جي جوڙجڪ جو ف??صلو ڪيو آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شي?? جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.