اٽڪ – 19 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻا وزيراعظم ۽ وزير ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيندا رهيا، قوم کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پاڻ ٻاهر وڃي ويهي رهيا ۽ شاهاڻي زندگي گهاري رهيا آهن، جنهن جي والد جي سائيڪل جو دڪان هو اڄ رولز رائس گاڏين جا مالڪ آهن، سينيٽ اليڪشن ۾ تماشو ٿي رهيو آهي، ووٽ خريد ڪرڻ ??اء?? منڊي لڳل آهي، قيمتون لڳي رهيون آهن?? مخالف ڌر جلسن سان اسا?? کي نٿي ڪيرائي سگهي، هاڻي ماڻه?? کي خريد ڪري پ??هنجا وڌيڪ سينيٽرز چونڊرائڻ چاهين ٿا اها ڪهڙي جمهوريت آهي، ماضي ۾ ملڪ ۾ ٻيل?? کي بي دردي سان ختم ڪيو ويو، موسمياتي تبديلي جي اثر?? کي منهن ڏيڻ ??اء?? بلين ٽري سونامي منصوبي کي ڪامياب بڻائڻو پوندو، خيبرپختونخوا وانگر پنجاب ۾ به هلندڙ سال جي آخر تائين سمورن شهري?? کي هليٿ انشورنس جي سهولت ملي ويندي، نوجوان?? کي روزگار جي فراهمي ??اء?? ڪامره ۾ ٽيڪنالاجي زون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار غازي بروٿا ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بدقمستي سان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن،گرين هائوسز گئسن جي اخراج سان دنيا ۾ سراسر گرمي پد وڌي رهيو آهي ان ??اء?? اسا?? کي هر اهو قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان سراسري گرمي پد ۾ ٿيندڙ ان اضافي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ان مقصد ??اء?? 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرورت آهي، وڻ لڳائڻ اسان جي مستقبل ??اء?? تمام ضروري آهن. هتي 10 لک وڻ لڳايا پيا وڃن پر انهن جي حفاظت جي ذميداري نوجوانن تي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان نوجوان?? کي راندين جا ميدان به ٺاهي ڏينداسين. نوجوانن ??اء?? راندين جي ميدانن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وڻ اسان جي مستقبل ۽ راندين جا ميدان نوجوانن جي صحت ??اء?? ضروري آهن.