اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عورت ??ارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪن جي مسئلن جي لاءِ عام طور ۽ عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ خاص طور تي موثر ڪردار اد?? ڪري رهيون آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي عورت ??يمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙ عورت ??يمبرن ۾ عاصمه قدير ۽ غلام بي بي ڀروانه شامل هيون. ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. عاصمه قدير وزيراعظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ بابت منصوبي کان آگاهه ڪيو، منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان نه رڳو وچولي خاندان جي گهر جون ضرورتون پوريون ٿي ??گهنديون پر ان سان روزگار به ڪمائي سگهبو. ڄاڻايل منصوبو نه رڳو گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽ جي ڪري ماحول دوست آهي پر ڪنهن به گهر کي پنهنجي طور هڪ سسٽين ايبل يونٽ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.